حافظ رفيق احمد انڍڙ

حافظ رفيق احمد انڍڙ: سياسي سماجي اڳواڻ حافظ رفيق احمد انڍڙ، 11 مارچ 1952ع تي ڳوٺ ابراهيم انڍڙ تعلقي پني عاقل ۾ ڄائو. مختلف هنڌن تي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ سڪرنڊ ۾ حڪيم قاضي نور محمد کان حڪمت جي سکيا اچي ورتائين. 1975ع ۾ آرمي ڪاٽن فيڪٽريءَ ۾ ملازمت دؤران سندس ٻانهون ڪٽجي ويون، ان جي باوجود همٿ نه هاريندي، سنڌ هاري ڪاميٽي توڙي سنڌ ساگر پارٽيءَ ۾ سرگرم ڪردار اد اڪيائين. 1984ع ۾ جمعيت العلماء سنڌ ۾ شامل ٿيو، اڄڪلهه جي. يو. آءِ سنڌ جو جنرل سيڪريٽري آهي. 1988ع ۾ جمعيت العلماء جي ٽڪيٽ تي پني عاقل مان صوبائي اسيمبليءَ جي چونڊ وڙهيو. سنڌ قومي اتحاد جو به سرگرم اڳواڻ ٿي رهيو آهي. 1989ع ڌاري ’سنڌ امن ڪائونسل‘ جي پليٽفارم تان ’امن ڪانفرنس‘ منعقد ڪيائين، ان تنظيم جو وائيس چيئرمين به رهيو. علمي ادبي حلقي سان ويجهڙائي رکندڙ حافظ رفيق احمد انڍڙ، معذوريءَ باوجود سنڌ دوست هلچل ۾ سدائين متحرڪ رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1952.03.11  عيسوي

سياسي سماجي اڳواڻ حافظ رفيق احمد انڍڙ، 11 مارچ 1952ع تي ڳوٺ ابراهيم انڍڙ تعلقي پني عاقل ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ديدار حسين شاهه رضوي:
آزاد انور ڪانڌڙو
بهاول خان عباسي5
نوشاد احمد شيخ ڊاڪٽر
علم الدين بلو
ايشوريا راءِ
محب ڀيل ڪامريڊ
اديب انقلابي
آدم خان مري
عالم خان گوپانگ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون